10

گهوٽڪي رپورٽ

گهوٽڪي رپورٽ:نعمت الله ڪولاچي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ چيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ پوليو ورڪرن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي، ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال بهتر آهي، مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جو تعاون حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ پراونشنل ايمرجنسي آپريشنل سيل سنڌ جي هڪ وفد سان گڏجاڻي ڪندي ڪيو. وفد ۾ ڪرنل رٽائرڊ شاهد، ميجر رٽائرڊ امجد ۽ اين اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر وقار احمد ڏهر سميت ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر رياض احمد ابڙو شامل هئا. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته ضلعي ۾ ڪو به نوگوايريا ناهي، پوليو ٽيمون بغير ڪنهن خوف جي ضلعي جي سمورن ٻارن کي ڦڙا پياري رهيون آهن ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنٽرول روم پڻ قائم ٿيل آهي جتي ڪنهن به مسئلي بابت آگاه ڪري سگهجي ٿو ته جيئن پوليو مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن کي فوري طور تي حل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پوليو مهم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بنائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جڏهن ته مختلف مڪتبه فڪر جي عالمن جو تعاون حاصل ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي پنهنجي علائقن جي ماڻهن ۾ پوليو متعلق سجاڳي پيدا ڪن.

اپنا تبصرہ بھیجیں