4

گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي واضح سرسي حاصل، نو سيٽون کٽي ورتيون

اسلام آباد: (سومر 16 نومبر 2020ع) گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ سمورين سيٽن جا غير سرڪاري نتيجا ملي ويا آهن. تحريڪ انصاف 9 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پيپلز پارٽي 3 سيٽن سان گڏ ٻئي ۽ (ن) ليگ ٻن سيٽن سان گڏ ٽئين نمبر تي آهي. 7 سيٽن تي آزاد اميدوارن  ميدان ماري ورتو آهي.

جي بي اي 7 اسڪردو ون تي پي ٽي آءِ اميدوار راجا ذڪريا خان هٿان پ پ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه کي شڪست، جي بي اي 23 گانڇي تي پ پ اميدوار محمد اسماعيل پي ٽي اءِ جي سيد شمس الدين کي هارائي ڇڏيو. جي بي اي 5 نگر ٽو تي آزاد اميدوار جاويد علي منوا ڪامياب ٿي ويو.

جي بي اي فور تي پيپلز پارٽي جو اميدوار امجد حسين کٽي ورتو. جي بي اي 22 گانڇي ون تي ازاد اميدوار مشتاق حسين ڪامياب، جي بي اي 8 اسڪردو ٽو تي متحده وحدت المسلمين جو محمد ڪاظم کٽي ويو. ڪامياب اميدوارن جي حامين جو جشن جاري آهي. رپورٽ موجب گلگت بلتستان جي 24 مان 23 سيٽن جي لاءِ ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي  شروع ٿيو جيڪو شام جو 5 وڳي تائين پرامن طريقي سان بنا ڪنهن  رڪاوٽ جي جاري رهيو.

ٿڌي موسم ۾ به ماڻهن پنهنجي  ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل نظر آيا. چونڊن ۾ سمورن 23 حلقن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا سامهون اچي چڪا آهن جنهن مان 9 سيٽن تي تحريڪ انصاف ڪاميابي حاصل ڪري چڪي آهي. پيپلز پارٽي کي 4، مسلم ليگ(ن) کي 2 ۽ ايم ڊبليو ايم کي هڪ سيٽ ملي. جڏهن ته 7 آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. نتيجا اچڻ تي گلگت جي مختلف هنڌن تي هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي ڪئي وئي ۽ امڪاني فتحياب اميدوارن جي ڪارڪنن جشن ملهايو.

جي بي 7 اسڪردو مان گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوار سيد مهدي علي شاهه کي پاڪستان تحريڪ انصاف جو اميدوار راجا محمد ذڪريا شڪست ڏئي ڇڏي. جي بي اي 7 اسڪردو جي 30 اسٽيشنن جي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب پي ٽي آءِ جي راجا محمد ذڪريا خان 5290 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته گلگت بلتستان جو اڳوڻو وڏو وزير سيد مهدي شاهه 4117 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. سمورن 62 حلقن جي غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي امجد حسين 11178 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو.

آزاد اميدوار سلطان رئيس 8356 ووٽ کڻي ٻئي نمبر ۽ تحريڪ انصاف جو جوهر علي 403 ووٽ سان گڏ ٽئين نمبر تي رهيو. حلقي ۾ رجسٽرڊ ووٽن جو انگ 35992 آهي.  جي بي: سمورن 72 حلقن جي غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جي جميل احمد ميدان ماري ورتو. هن 6848 ووٽ حاصل ڪيو. تحريڪ انصاف جي فتح الله خان 6229 ووٽن سان ٻئي مسلم ليگ(ن) جو حفيظ الرحمان 2100 ووٽ سان گڏ ٽئين نمبر تي رهيو. هتي رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 41 هزار 108 ٿي ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں