10

ڪڻڪ جي حوالي سان ڪنهن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي اهو وقت ٻڌائيندو:خواجه آصف

اسلام آباد: (اربع 28 آڪٽوبر 2020ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ٿي چڪي آهي. ڪڻڪ جي حوالي سان ڪهڙي  لابي کي تحفظ ڏنو پيو وڃي اهو وقت ٻڌائيندو.

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪڻڪ سرپلس هئي اڄ درآمد ڪري رهيا آهيون. غلط پاليسي جي ڪري 440 ارب جو نقصان ٿيو. ڪڻڪ جي پوکي وڌائڻ لاءِ قدم  کڻڻ گهرجن. هاري کي صرف 40 ارب روپيه ڏنا وڃن. ڪڻڪ ۾ خود ڪفيل ٿي وينداسين. ڪڻڪ جي معاملي تي حڪومت پنهنجن کي نوازي رهي آهي. ڪڻڪ جي امدادي قيمت 2 هزار روپيه مڻ مقرر ڪئي وڃي.

وفاقي وزير غلام سرور خان چيو هو ته اپوزيشن پنهنجي ڳالهه ڪئي، حڪومتي موقف به کين ٻڌڻ گهرجي. اپوزيشن جي تجويز جو اسان خيال رکنداسين. خيبرپختونخواهه ۽ بلوڇستان پنهنجون سفارشون ڏنيون آهن. سنڌ حڪومت ڪڻڪ بابت پنهنجون سفارشون ناهن ڏنيون. اپوزيشن جي تجويز کي ضرور غور هيٺ آڻينداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں