12

ڪورونا ڪيس: اين ڊي ايم جي رپورٽ رد، ڪنهن کي به هڪ روپيو کائڻ نه ڏينداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪورونا وائرس پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس ۾ نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي کي خبر ئي ناهي ته عدالت سان ڪيئن هلڻو آهي. اسان وزيراعظم کي چئي ٿا ڇڏيون ته اين ڊي ايم اي کي فارغ ڪريو اسان ڪنهن کي هڪ روپيو به کائڻ نه ڏينداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ ڪورونا پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس  پڇاڻو ڪيو ته چين مان الحفيظ جي نالي تي مشينري گهرائي وئي ان جا دستاويز ڪٿي آهن؟ گذريل 3 ٻڌڻين جا دستاويز گهريا پيا وڃن. الحفيظ ڇا آهي.؟ ڪجهه سامهون ناهي آيو. 3 ڀيرا حڪم ڏيڻ جي باوجود ستاويز ڇو نه پيا ڏنا وڃن. جسٽس اعجازالحسن سوال ڪيو ته جيڪا مشينري چائنا کان گهرائي وئي ان جي قيمت ڪنهن ادا ڪئي؟ جهاز چارٽرڊ ڪرڻ ۽ ان جي ادائيگين جا تفصيل ڪٿي آهن؟ ان تي ڊائريڪٽر ايڊمن اين ڊي ايم اي ٻڌايو ته ايل سي ڪمپني خريد ڪئي آهي ۽ ڪسٽم کي ڊيوٽي ڏني وئي. ڪمپني جي مشينري اين ڊي ايم اي امپورٽ ناهي ڪئي. اين ڊي ايم اي جي نمائندي جي جواب  تي چيف جسٽس چيو ته اڃان تائين ڪمپني جو مالڪ سامهون ناهي اچي سگهيو.

اصل مسئلو ڪسٽم ۽ ٻين قانون تي عمل نه ٿيڻ آهي. عدالتي حڪمن کي سنجيده ناهي ورتو ڇو نه اين ڊي ايم اي جي خلاف توهين عدالت جي  ڪارروائي ڪريون. اسان هتي وضاحت لاءِ ناهيون ويٺا. وزيراعظم کي چئي ٿا  ڇڏيون ته چيئرمين اين ڊي ايم اي کي هٽائي ڇو ته عدالتي حڪمن جي توهين ڪئي وئي آهي. هڪ ئي ڪمپني کي ڪيئن رعايت ڏني وئي.  اسان وزيراعظم کي چئي ٿا ڇڏيون ته سمورو اين ڊي ايم اي فارغ ڪري اسان ڪنهن کي هڪ  روپيو به کائڻ نه ڏينداسين. جسٽس گلزار احمد چيو ته عدالت سان مذاق ڪيو پيو وڃي. اين ڊي ايم اي کي خبر ئي ناهي ته عدالت سان ڪيئن هلڻو آهي. هڪ ڪروڙ 7 لک 25 هزار ان کي ادا ڪيا ويا جنهن کي نٿا ڏئي سگهجن.

ڪسٽم ڊيوٽي به روڪ پئسا ڏئي ادا ڪئي وئي. چين  ڏانهن جنهن ڪمپني مال موڪليو هوندو ان تي به ڪيش ۾ ادائيگي ڪئي وئي هوندي. ڇو ته ان جو نالو ان ۾ لکيل آهي.  ڪو ماڻهو ضرور هن ۾ گڙبڙ ڪري رهيو آهي. سپريم ڪورٽ کان اصل معاملو لڪايو پيو وڃي. اين ڊي ايم اي ڊريب جي اجازت کان سواءِ ٻاهران ويڪسين گهرائي اها ڪنهن گهرائي اهو ناهي ٻڌايو ويو. جنهن کان پوءِ عدالت ايس اي سي پي سي ڪمپني کان سمورا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ۽ اين ڊي ايم اي جو جواب  ايڊمن ميمبر کي واپس ڏئي ڇڏيو جڏهن ته عدالت اين ڊي ايم اي کان سمورن تفصيلن تي ٻڌل  جواب طلب ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں