4

ڪورونا ويڪسين جي قيمت گهٽ يا مفت ڪئي وڃي: سينيٽ ۾ قرارداد منظور

اسلام آباد: (سومر 05 اپريل2021ع) ڪورونا ويڪسين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يا مفت ويڪسينيشن جي قرارداد سينيٽ ۾ اڪٿريت سان منظور ڪئي وئي.

رپورٽ موجب سينيٽ ۾ نجي سطح تي ڪرونا ويڪسين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. قرارداد سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن ۾  چيو ويو ته دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين 1500 روپيه ۽ پاڪستان ۾ ان جي قيمت 8 هزار 400 مقرر ڪئي وئي آهي. حڪومت عوام کي ويڪسين لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. عوام جي ويڪسينيشن مفت ڪئي وڃي يا قيمتن ۾ گهٽتائي آندي وڃي. ان موقعي تي ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته ڪورونا ڪنهن سياسي پارٽي جو مسئلو نه آهي ان تي سياست نه ڪئي وڃي هي قرارداد ناهي.

حڪومت جي خلاف چارج شيٽ آهي. اسان جو بيانيو قومي مفاد جو مظهر هجڻ گهرجي. احتجاج جي سياست ۽  ڪابه ڌمڪي وزيراعظم عمران خان کي ان جي مشن کان نٿي هٽائي سگهي. مخالف ڌر جي پارٽين کي دعوت ڏيان ٿو ته اچو ته ملي ريفارمز تي ڪم ڪريون. اميد آهي ته اپوزيشن ايوان ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندي. شهزاد وسيم جو چوڻ هو ته مسئلو صرف حڪومت يا اپوزيشن جو ناهي پر پوري ملڪ جي بقا جو سوال آهي. حڪومت پنهنجي ذميواري کان پوري طرح واقف آهي. هي ريزولوشن حڪومت جي خلاف  هڪ چارج شيٽ آهي. جنهن جو نه مٿو آهي ۽ نه ئي پير آهي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته سموري دنيا ۾ ڪورونا ويڪسين مفت جڏهن ته هتي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي. اسان کي ٻڌايو وڃي ته حڪومت ڪيتري ويڪسين ٻاهر کان خريد ڪئي. ويڪسين جي خريداري لاءِ ڪجهه نه پيو ڪيو وڃي. ڪورونا ويڪسين جي قيمتن ۾ گهٽتائي يا مفت ويڪسينيشن جي قرارداد ايوان مان اڪٿريت راءِ سان منظور ڪئي وئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں