اسلام آباد: (اربع 25 نومبر 2020ع) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 3 هزار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته 59 متاثر مريض فوت ٿي ويا.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته وڌيڪ 59 فوتگيون سامهون آيون جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جو انگ 3 لک 82 هزار 892 ۽ گڏيل فوتگين جو انگ 7 هزار 803 ٿي ويو آهي.
اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 41 هزار 589 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. ملڪ ۾ فعال ڪيسن جو انگ 42 هزار 115 آهي.
ملڪ ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 32 هزار 974 آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 66 هزار 033 ٿي وئي.
پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 1 لک 15 هزار 786، خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 45 هزار 314 ۽ اسلام آباد ۾ 27 هزار 979 ۽ بلوچستان ۾ 16 هزار 891 آهي.