26

ڪم ڪادريشان سميت ڪيترين ئي شوبز شخصيتن پاران سوشل ميڊيا اڪائونٽ معطل ڪرڻ جو اعلان

نيويارڪ: آمريڪي اداڪاره ماڊل ڪم ڪادريشان ۽ ٻين ڪيترين ئي شوبز شخصيتن نفرت آميز پروپيگنڊه ۽ غلط معلومات ڦهلائڻ تي پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪم ڪادريشان سوشل ميڊيا جي بيان ۾ لکيو آهي ته سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ڦهلائڻ جا ڪيترائي سنجيده اثر پيدا ٿين ٿا.

ڪم ڪادريشان ۽ ٻين شوبز شخصيتن طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو بائيڪاٽ سول سوسائٽي طرفان شروع ڪيل اسٽاپ هيٽ فيئر پرافٽ(stophate forreportfit) جو حصو آهي.

ان مهم تحت شوبز شخصيتون پنهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽس 24 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪنديون.

ڪم ڪادريشان سوشل ميڊيا تي وڌيڪ ليکيو آهي ته آئون سوشل ميڊيا پليٽ فارمز طرفان نفرت، پرپپيگنڊه ۽ غلط معلومات ڦهلائڻ جي معاملي تي چپ ڪري نه ويهنديس.

اپنا تبصرہ بھیجیں