14

ڪراچي: شادي جي چئن مهينن کان پوءِ مڙس زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (اڱارو 08 سيپٽمبر 2020ع) محمود آباد جي علائقي ۾  مڙس زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب  مذڪوره واقعو  محمو آباد نمبر پنج  جي علائقي ۾ پيش آيو جتي مڙس پنهنجي زال اريبه کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس مقتولڻ جي مڙس ۽ ان جي دوست کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب مقتولڻ جي مڙس قتل کي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر  واقعي واري هنڌان شاهديون مليون ته خبر پئي ته عورت کي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مقتولڻ پسند جي شادي 4 مهينا اڳ ڪئي هئي.

مقتولڻ جي لاش کي ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته  ميڊيڪل رپورٽ اچڻ  کان پوءِ واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس موجب مقتولڻ جي والده الزام هنيو آهي ته هي آپگهات نه پر قتل آهي جنهن ۾ منهنجو ناٺي ملوث آهي   منهنجي ناٺي جي اسٽيٽ ايجنسي آهي ۽ ان اسان کي ٻڌايو ته جڏهن مان گهر ۾ داخل ٿيس ته اريبه جي لاش پکي ۾ لٽڪي رهي هئي جنهن کي مون هيٺ لاٿو.

ياد رهي ته مقتولڻ اريبه جي شمشاد احمد سان ٻئي شادي هئي جڏهن ته پهرين مڙس کيس طلاق ڏئي ڇڏي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں