3

ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان زال مڙس جا لاش هٿ

ڪراچي: (خميس 21 مئي 2020ع) ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 6 خيابان بخاري جي هڪ گهر مان زال مڙس جا ڳلا ڪپيل لاش هٿ آيا آهن.

ايس ايس پي سائوٿ جو چوڻ آهي ته ڊفينس خيابان بخاري جي علائقي ۾ واقع هڪ گهر ۾ ڦر جي اطلاع ملي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته 2 ڄڻن جون لاشون ۽ هڪ زخمي موجود هو. ٻنهي کي تيز ڌار اوزار جي مدد سان قتل  ڪيو ويو. قتل ٿي ويلن جي لاشن ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مقتولن جي سڃاڻپ 85 ساله جاويد ۽ سندس زال 80 ساله سلميٰ جي نالن سان ٿي آهي. هن چيو ته گهر ۾ مقتول زال مڙس سان گڏ ان جي هڪ ڌيءَ به رهندي هئي جڏهن ته واردات وقت هڪ ميل نرس به گهر تي موجود هو.

پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گهر جو اڳوڻو ملازم نواز گهر ۾ ڦر جي نيت سان داخل ٿيو هو. جوابدار کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان ڦر ڪيل سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں