ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي في ڪلو جو اگهه وري 100 تائين پهچي ويو.
خبر موجب هڪ هفتي دوران لاهور ۾ کنڊ جي في ڪلو تي اگهه لاهور ۾ 5 روپيا ۽ ڪراچي ۾ 4 روپيا وڌي ويو.
ڪراچي، لاهور اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا شهري کنڊ 100 روپيو ڪلو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
ڪوئٽا، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ، ملتان، پشاور، بهاولپور ۽ لاڙڪاڻو ۾ کنڊ جو في ڪلو اگهه 95 تائين آهي جڏهن ته فيصل آباد ۾ کنڊ 94 روپيا ۽ بنون ۾ 93 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي.
سرگودها، حيدرآباد ۽ سکر ۾ کنڊ 92 روپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي جڏهن ته خضداير ۾ کنڊ جو في ڪلو 90 رپين تائين آهي.