7

ڏکڻ سوڊان ۾ فوج ۽ هٿياربند شهرين وچ ۾ چڪريون، ستر ڄڻا مارجي ويا

خرطوم: (اربع 12 آگسٽ 2020ع) ڏکڻ سوڊان ۾ فوج ۽ هٿياربند شهرين جي وچ ۾ چڪرين دوران 70 ڄڻا مارجي ويا. عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن ڏکڻ سوڊان جي اتر اوڀر رياست ۾ فوج ۽ هٿياربندن شهرين وچ ۾ چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ 70 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترن جي ئي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

گڏيل قومن جي ترجمان موجب ڏکڻ سوڊان ۾ موجود امن مشن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته علائقي ۾ تخفيف اسلحي جي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي جنهن جي معاهدي جي ڀڃڪڙي تي چڪريون ٿيون آهن.

عرب ميڊيا جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڏکڻ سوڊان ۾ عام شهرين کان هٿيار ڦٽا ڪرائڻ هن امن معاهدي جو حصو آهي جيڪو ڏکڻ سوڊان جي صدر سلواڪير ۽ فيبروري ۾ ڏکڻ سوڊان جي نائب صدر چونڊيل ان جي مخالف ريڪ ماچر جي وچ ۾ طئي ٿيو هو.

عرب ميڊيا موجب متاثر رياست جي اختيارين ٻڌايو آهي ته تازو پرتشدد واقعا ان وقت شروع ٿيا جڏهن عام شهرين فوجين جي سامهون هٿيار وجهڻ کان انڪار ڪيو جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ويڙهه واري صورتحال پيدا ٿي وئي هئي ۽ هٿياربند شهرين ويجهن علائقن ۾ موجود فوجي اڏن تي حملو ڪري ڏنو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں