9

ڏوڪري: مخالف اسان کي ڌمڪائي رهيا آهن، استاد پينل جو الزام

ڏوڪري(رپورٽ:عبدالجبارميمڻ)استاد دوست پينل پ ٽ الف تعلقي ڏوڪري جي اڳواڻن ضمير احمد ڀٽي ۽ اسلام الدين جوڻيجو ڏوڪري ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته اسان جي مخالف پينل علم دوست پاران اسان جي اميدوارن ۽ همدردن کي ڌمڪيون ڏياري رهيا آهن ته اوهان جون پگهارون بند ڪيون وينديون ۽ ڏورانهن علائقن ڏانهن بدليون ڪيون وينديون.

هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان جي اميدوارن کي تنگ ڪيو ويو ته مرڪزي اليڪشن ڪاميٽي پ ٽ الف جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو، هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، مخالفن جون هاڻي ئي وايون بتال ٿي ويون آهن.۽ فتح اسان جي ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں