3

ڊينيل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد: (سومر 29 جون 2020ع) سپريم ڪورٽ ڊينيل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڊينيل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت جو فيصلو معطل ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ حڪومت طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدار عالمي دهشتگرد آهن ان مان هڪ جوابدار ڀارت ۽ ٻيو افغانستان ۾ به دهشتگرد تنظيمن سان گڏ ڪم ڪندا رهيا آهن. جوابدار آزاد ٿيا ته ان جا سخت نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا.

جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ جي سامهون اهڙو بيان ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو؟ جوابدارن 18 سال کان سج ناهي ڏٺو. حڪومت ۾ الله جو ڪجهه ڊپ به هجڻ گهرجي. جسٽس يحيٰ خان آفريدي چيو ته ذهن ۾ اها ڳالهه  رکو ته جوابدارن کي هڪ عدالت بري ڪيو آهي. جوابدارن جي بريت کان پوءِ اوهان ان کي ڪيئن دهشتگرد چئي سگهو ٿا.؟ جسٽس مشير عالم چيو ته بريت جي حڪم کي پڪن ثبوتن کان سواءِ ڪيئن معطل ڪري سگهجي ٿو.؟

فيصلي ۾ ڪجهه اهڙا پوائنٽ هجن تڏهن ئي اهو معطل ٿي سگهي ٿو. حڪومت چاهي ته ايم پي او ۾ واڌ ڪري سگهي ٿي. عدالت سڳوري ڊينيل پرل قتل ڪيس جي جوابدارن جي بريت جو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں