27

ڊيمو ڪريٽڪ صدارتي اميدوار جوبائيڊن ڪملا ديوي هيرس کي نائب صدر جي عهدي لاءِ چونڊي ورتو

واشنگٽن: (اربع 12 آگسٽ 2020ع) ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار جوبائيڊن ڪملا ديوي هيرس کي نائب صدر جي لاءِ چونڊ ڪري ورتو.

عورت  سينيٽر سيٽ لاءِ اڳ ڏکڻ ايشيائي ۽ آفريڪي اميدوار هوندا. جوبائيڊن ڪملا ديوي هيرس کي نائب صدر جي اميدوار لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.  جنهن جي توثيق پارٽي ڪنوينشن ۾ ڪئي ويندي. ڪيليفورنيا کان عورت سينيٽر نائب صدر لاءِ پهرين آفريڪي اميدوار هوندا.

ڪملا ديوي هيرس ڏکڻ ايشيا سان تعلق رکندڙ پهرين اميدوار به هوندي. ڪملا ديوي هيرس جي پيءُ جو تعلق جميڪا جڏهن ته والده جو تعلق ڀارتي رياست تامل ناڊو سان هو.

اڳوڻي صدر براڪ اوباما مقرري کي سٺو فيصلو قرار ڏنو. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ ڪملا ديوي هيرس کي سينيٽ ۾ سڀني کان خطرناڪ ميمبر قرار ڏنو. هن چيو ته  مون کي حيرت آهي ته خراب ڪارڪردگي جي باوجود هن کي چونڊ ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں