4

چيني ويڙهاڪ عورت تي ٺهيل فلم(مولان) جي رليز لاڳيتو رولڙي جو شڪار

بيجنگ: (سومر 29 جون 2020ع) چيني ويڙهاڪ عورت جي زندگي تي ٻڌل ايڪشن فلم مولان جي رليز هڪ دفعو ٻيهر روڪي وئي آهي.

عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب والٽ ڊزني هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي نئين ايندڙ فلم مولان جي رليز جي تاريخ کي اڳيان وڌائي ڇڏيو آهي. ايڪشن فلم مولان کي سڀني کان اڳ هلندڙ سال مارچ ۾ رليز ڪرڻو هو پر عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي فلم کي ايندڙ مهيني يعني 24 جولاءِ تي سئنيما گهرن ۾ رليز ڪرڻو هو پر هاڻ هڪ دفعو ٻيهر فلم جي رليز دير جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ ان جي رليز جي تاريخ کي وڌائي 21 آگسٽ ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب  سڄي دنيا ۾ سموريون سرگرميون متاثر ٿيون آهن. وبا سبب جتي دنيا جي معيشت تي گهرا اثر پيا آهن ته اتي ئي سڄي دنيا جا سئنيما گهر به بند آهن جنهن سبب انٽرٽينمينٽ انڊسٽري کي به سخت نقصان پهتو آهي. ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ فلمن جي رليز دير جو شڪار ٿيڻ  سان گڏوگڏ فلمي دنيا جي مشهور ترين ميلي آسڪر، ميٽ گالا ۽ گولڊن گلوب ايوارڊ جهڙيون تقريبون به ملتوي ڪيون ويون آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں