9

چوويهن ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڇهه سئو پنجهٺ ڪيسن جي سڃاڻپ

اسلام آباد: پوري ملڪ ۾ چوويهن ڪلاڪن دوران 665 نون ڪيسن جي تصديق کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثرن جو انگ 3 لک، 3 هزار 89 ٿي ويو آهي جن ۾ 2 لک 90 هزار 760 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 5 هزار 936 تائين رهجي ويو آهي جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 4 فوتگين بعد ملڪ ۾ وبا سبب فوتين جو انگ 6 هزار 393 تائين رهجي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں