7

چور دروازي کان داخل ٿيندڙ اڄ جمهوريت جا ٺيڪيدار بڻجي ويا آهن: فياض الحسن چوهاڻ

لاهور: (سومر 26 آڪٽوبر 2020ع) اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته  چور دروازي کان داخل ٿيندڙ اڄ جمهوريت جا ٺيڪيدار بڻجي ويا آهن جڏهن ته سنڌ جي وڏيرن کي ڪو ٻيو حڪمران به قبضه مافيا ئي لڳندو آهي.

رپورٽ موجب پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف پنهنجو نالو به ان گم ٿي ويل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏي جنهن سان ڪالهه هن همدردي جو اطهار ڪيو هو. فياض الحسن چوهان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم گذريل 10 مهينن کان پنهنجي خاندان، ڪرپشن جي کربين ڊالرن ۽ 100 سوٽ ڪيسن سميت گم آهي.  هن چيو ته  مڪس آچار پارٽي هڪ سرڪس جيان عوام کي محفوظ ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

  عوام پي ڊي ايم جي جلسن دوران اڳواڻن جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن کان محفوظ ٿي رهيا آهن.  صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي سياست ۾ چور دروازي کان داخل ٿيندڙ نوازشريف اڄ جمهوريت جو ٺيڪيدار بڻيل آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏيرن کي شايد ڪو ٻيو حڪمران به قبضه مافيا ئي لڳندو آهي. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) جي اڳواڻن جي ملڪ دوستي جي ڊرامي جو ڊراپ سين ويجهو اچي رهيو آهي.

هن چيو ته  جنهن ڏينهن  کان هي رياستي ادارا آزادانه ڪم ڪري رهيا آهن اپوزيشن کي لڳندو آهي ته ان جو مينڊيٽ ڦرجي رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته هنن پنهنجو اصل ايجنڊا ۽ ملڪ دشمني تي ٻڌل ناپاڪ ارادا بي نقاب ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته بلوچستان جي آزادي جي ڳالهه ڪوبه محب وطن پاڪستاني سياستدان نٿو ڪري سگهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں