18

ڀارت ۾ ڳئون چوري ڪرڻ جي الزام هيٺ ٽن بنگالين کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو

نئين دهلي: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) دنيا جي سڀني کان وڏي جمهوريت جي علبردار سڏائيندڙ ڀارت ۾ اقليتن سان انتهاپسندن جي بدسلوڪي گهٽ نه ٿي سگهي ۽ رياست آسام ۾ انتهاپسندن جي مڇريل ميڙ 3 بنگالي شهرين کي ڳئون چوري ڪرڻ جي الزام ۾ تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

بنگالي شهرين کي قتل ڪرڻ وارو واقعو آسام جي ڏاکڻي ضلعي ڪريم گنج ۾ پيش آيو جتي مڇريل ميڙ سرحد پار کان ايندڙ بنگالي شهرين کي ڳئون چوري جو الزام لڳائي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو. گذريل هفتي نيپال ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وارا ناسي ۾ به انتهاپسندن نيپال مخالف پوسٽر لڳايا ۽ هڪ نيپالي شهري کي زبردستي گنجو ڪري ڇڏيو هو.

11 ڊسمبر 2019 تي ڀارتي پارليامينٽ شهريت جو تڪراري قانون منظور ڪيو هو جنهن جي تحت پاڪستان، بنگلاديش ۽ افغانستان مان ڀارت ويندڙ پرڏيهين کي شهريت ڏني ويندي پر مسلمانن  کي نه ڏني ويندي. اهڙي قانون جي ذريعي ڀارت ۾ موجود وڏي انگ ۾ آباد بنگلاديشي پناهگيرن جي بي دخلي جو به امڪان آهي. جڏهن ته ڀارت ۾ شهريت جي ان تڪراري قانون جي خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آهي ۽ هر مڪتب  فڪر جا ماڻهو احتجاج ۾ شريڪ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں