ڀارت ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، ٻن ڏينهن دوران هڪ سئو ٽيهه ڄڻا فوت

نئين دهلي: (ڇنڇر 26 جولاءِ 2021ع) ڀارت ۾ 2 ڏينهن دوران تيز برساتن سبب 130 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست مهاراشٽرا ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۽ لينڊ سلائينڊنگ سبب 130 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

مهاراشٽرا جي ڳوٺ تالئي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 32 گهر پاڻي ۾ ٻڏي ويا. لينڊ سلائيڊنگ سبب 33 ڄڻا فوت ۽ 52 گم آهن. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 64 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڀارتي نيوي، آرمي سميت ٻئي فورسز به ريسڪيو جي ڪمن ۾ مصروف آهي.

ڀارتي نيوي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته متاثر  علائقن ۾ ڦاٿل شهرين کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر ۽ ٻيڙين سميت ٻيون ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن.

ڀارتي نيوز ايجنسي ان حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته سامونڊي علائقو چپلون جو گهٽ ۾ گهٽ اڌ علائقو ٻوڏ سبب ٻڏي ويو آهي جتي تقريبن 70 هزار ماڻهو رهندا آهن. ياد رهي ته ان کان اڳ گذريل هفتي ڀارتي معاشي شهر ممبئي ۾ تيز برسات سبب 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.