3

ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي ۾ وڌيڪ ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: (سومر 29 جون 2020ع) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. نام نهاد سرچ آپريشن دوران وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي ويا.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي اسلام آباد ۾ ڀارتي فوج ۽ پوليس اچ وڃ وارن رستن کي بند ڪري سرچ آپريشن ڪيو جنهن دوران گهر گهر تلاشي ورتي وئي. عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي حراسان ڪيو ويو.

قابض ڀارتي فوج نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران فائرنگ ڪري 3 هٿين خالي ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. جارحيت پسند ڀارتي فوج نوجوانن جا مڙهه وارثن کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي شهيد ٿي ويلن جي وارثن ۽ علائقي جي رهواسين سخت احتجاج ڪيو.

ڀارتي انتظاميه روايتي هٺ ڌرمي جو مظاهرو ڪندي شهيد ٿيندڙ نوجوانن کي دهشٽگرد ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر وارثن ۽ علائقي جي رهواسين سمورا راز فاش ڪري ڇڏيا.

واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ هلندڙ مهيني ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ 25 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃان تائين ڪرفيو لاڳو آهي ۽ انٽرنيٽ سروس سميت بنيادي انساني حق معطل آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں