پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي عالمي آقائن جي اشاري تي ھلي رهي آهي: شازيه مري

ڪراچي: (ڇنڇر: 31 مارچ 2021ع) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه مري پيٽرول قيمتن ۾ واڌ ۽ مھانگائي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران نيازي جي نااهل حڪومت مھانگائي جي ماريل عوام مٿان ھلندڙ جولائي جي مهيني دوران ٻيو دفعو پيٽرول بم ڪيرائيو آهي، جنهن جي اسان پرزوز مذمت ڪيون ٿا.
شازيه مري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي عالمي آقائن جي اشاري تي ھلي رهي آهي ۽ انھي کي عام ماڻهن جي ڪابه پرواهه ناهي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي پيٽرول جي في ليٽر ۾ 1.71 روپين جي واڌ جھڙي عوام دشمن فيصلي کي رد ڪري ٿي.

اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جي ردعمل ۾ ڪيو آهي.

شازيه مري چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ سان غريب عوام تي مهانگائي جو طوفان برپا ٿيندو ۽ سندن پريشانين ۾ پڻ اضافو ٿيندو.
ھن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ناقص معاشي ۽ عوام دشمن منصوبابندين کان ملڪ جي عوام بيزار ٿئي چڪي آهي ۽ وڌيڪ چيو ته وفاقي شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ مطابق کنڊ جي قيمت ۾ پڻ 1.55 روپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي، جنھن پرزو مذمت ڪريون ٿا ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو حڪومتي دعوائن جي ناڪامي ثابت ڪري ٿو.
شازيه مري وڌيڪ چيو ته عمران خان حڪومت ملڪ اندر بدترين مھانگائي ڪري عوام کي جيئڻ جي حق کان محروم ڪري رهي آهي ۽ ھن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پيٽرول، کنڊ عام واھپي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ جي فيصلي کي واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي