26

پيپلز پارٽي جو اڳواڻ چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: (اربع 25 نومبر 2020ع)  پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ڇوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن سندس لاڏاڻي جي خبر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هو گذريل ڪجهه وقت  کان بيمار هو.

چوڌري احمد مختار سال 2008 کان2013 تائين بچاءُ وارو وزير رهيو جڏهن ته هو مختلف دورن ۾  بچاءُ وارو وزير، پاڻي، بجلي  ۽ واپار وارو وزير به رهي چڪو هو.

چوڌري احمد مختار جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو. جڏهن ته پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان به ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڪارڪن ۽ پارٽي اڳواڻ سندس گهر پهچڻ شروع ٿي ويا. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري پ پ اڳواڻ احمد مختار جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چوڌري احمد مختار سان گڏ سياسي معاملن تي بحث ٿي هئي. پاڪستاني سياست ۾ چوڌري احمد مختار کي ياد رکيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں