8

پنجاب جو بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو، ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جو فيصلو

لاهور: (سومر 14  جون 2021ع) پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت اڄ مالي سال 2021-22 جو بجيٽ پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪندو.

پنجاب جو نئون ايندڙ بجيٽ عوام دوست ۽ ڪاروباري طبقي جي لاءِ سازگار هوندو. بجيٽ ۾ عوامي فلاح بهبود جي ڪيترن ئي منصوبن سان گڏ  صنعتڪارن جي لاءِ خصوصي  پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. پنجاب بجيٽ هارين، مزدورن ۽ سرڪاري ملازمن جي لاءِ خوشخبري آڻيندو.

بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب سميت سمورن پوئتي پيل ضلعن ۾ عوامي ضرورت موجب پروگرام شامل ڪيا ويا آهن. بجيٽ ۾ نوجوانن لاءِ تربيت ۽ ڪاروبار جا موقعا، گهٽ وسيله ۽ بي گهر ماڻهن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم ۽ لاهور جي لاءِ صاف پاڻي ۽ واپاري انفرااسٽرڪچر جا ميگا پروجيڪٽس شامل هوندا. مواصلات جا شاندار منصوبا معاشي سرگرمين ۾ واڌ ۽ صوبي ۾ چرپر ۾ آساني کي يقيني بنائيندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں