13

پاڪستان کي جي ٽوئنٽي ملڪن جي قرض مان رليف ملي ويو

نيويارڪ:جي ٽوئنٽي ملڪن گهٽ آمدني رکندڙ ملڪن جي قرض کي پوئتي ڪيو آهي جنهن سبب 80 کان 90 ڪروڙ ڊالرز جو رليف ملي ويو.

جي ٽوئنٽي ملڪن پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي ڪيترين ئي معيشتن کي ڪورونا جي تازي لهر کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ آمدني رکندڙ ملڪن جي قرضن کي 6 مهينن لاءِ پوئتي ڪيو ويو آهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ڪيترن ئي ملڪن کي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي، ڪورونا کانپوءِ معيشت جي بحالي جو ڪم جاري آهي، جي ٽوئنٽي جا ملڪ معيشت جي مڪمل بحالي ۾ سهڪار ڪندا.

اپنا تبصرہ بھیجیں