4

پاڪستان فلم انڊسٽري جو مشهور ڊائريڪٽر اقبال ڪاشميري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور: (آچر 16 نومبر 2020ع) پاڪستان فلم انڊسٽري جو سينئر ڊائريڪٽر ۽ مشهور فلمساز اقبال ڪشميري لاڏاڻو ڪري ويو.

خانداني ذريعن  موجب مشهور ڊائريڪٽر ۽ فلمساز اقبال ڪاشميري گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. اقبال ڪشميري جي گهر وارن موجب ڊاڪٽرن سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي هئي.

پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينئر ڊائريڪٽر اقبال ڪشميري سوڳوارن ۾ 4 ڌيئرون ۽ 2 پٽ ڇڏيا آهن. مشهور هدايتڪار اقبال ڪاشميري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ مشهور فلمن ۾ بليڪ وارنٽ، رنگيلي جاسوس ۽ سستا خون مهنگا پاني شامل آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں