15

پاڪستاني اداڪاره ميرا مالي مدد لاءِ لاهور آرٽس ڪائونسل ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

لاهور: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) پاڪستاني اداڪاره ميرا مالي امداد جي لاءِ لاهور آرٽس ڪائونسل ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب اسڪينڊل جي راڻي ۽ پنهنجي گلابي انگريزي سان مشهور اداڪاره ميرا مالي امداد جي لاءِ لاهور آرٽس ڪائونسل ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ هن آرٽسٽ اسپورٽس فنڊ مان امداد جي اپيل ڪئي آهي.

فارم ۾ اداڪاره ميرا ڊي ايڇ اي ۾ پنهنجو ذاتي گهر ۽ 7 ڄڻا ڪفالت هيٺ ظاهر ڪيا آهن. فنڊن مان مستحق فنڪارن کي 5 هزار جاري ڪيا ويندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں