13

پاڪستاني اداڪاره صنم جنگ به ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور: (سومر 14 ڊسمبر 2020ع) پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان صنم جنگ به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي جنهن کان پوءِ هن 4 ساله ڌيءَ سان گڏ  پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي.

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي  32 ساله اداڪاره صنم جنگ ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيڻ جي تصديق پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري جي ذريعي ڪئي. اداڪاره انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو آهي ته مان پنهنجي  سمورن خير خواهن کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي.

هن چيو ته مان ۽ منهنجي ڌيءَ مڪمل طور تي قرنطينه ٿي ويا آهيون ۽ شڪر گذار آهيان ته مون ۾ ڪورونا جون گهڻيون نشانيون موجود ناهن. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته هن وبا کي سنجيدگي سان وٺو. ڪورونا هڪ حقيقت آهي.

مهرباني ڪري ضروري احتياطي تدبيرن تي عمل ڪريو، ماسڪ پايو ۽ عوامي جڳهن تي وڃڻ کان پاسو ڪريو گهر ۾ رهو ۽ پاڻ کي محفوظ رکو. اداڪاره انسٽاگرام اسٽوري جي ذريعي مداحن کان پنهنجي ۽ ڌيءَ جي لاءِ دعائن جي اپيل به ڪئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں