17

پاڪستاني اداڪاره زينب شبير جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ کان پوءِ بحال

اهور: (اڱارو 21 جولاءِ 2020ع) پاڪستاني اداڪاره زينب شبير جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر بحال ٿي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽ موجب زينب شبير سوشل ميڊيا تي 2 تصويرون شيئر ڪيون هيون جنهن مان هڪ ۾ اداڪاره کي هيڪرز طرفان ان جو اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ جي اطلاع ڏني وئي هئي جڏهن ته ٻئي تصوير ۾ ميسج جو اسڪرين شارٽ آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان جو اڪاونٽ ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي.

اداڪاره جو چوڻ آهي ته گذريل 3 ڏينهن انتهائي مشڪل گذريا. مون ڪوشش ڪئي ته سڀني تائين خبر پهچايان ته منهنجو اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو آهي ۽ ان تي ڪابه تڪراري پوسٽ به ڪري سگهجي ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں