23

پارڪ لين ريفرنس: نيب آصف زرداري خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: (خميس 13 آگسٽ 2020ع) قومي احتساب بيورو(نيب) پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف علي زرداري جي خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ضمني ريفرنس ۾ وڌيڪ شاهديون عدالت جي سامهون پيش ڪيون وينديون.  ياد رهي ته پارڪ لين ريفرنس  ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري سميت ٻين جوابدارن تي 10 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي.

اسلام آباد  جي احتساب عدالت نيب جي گواهن کي پهرين سيپٽمبر تي طلب ڪري رکيو آهي. واضح رهي ته پارڪ لين ريفرنس جعلي اڪائونٽس ڪيسن مان هڪ  ڪرپشن جو ڪيس آهي جنهن ۾ آصف زرداري سميت 25 شيئر هولڊرز هئا.

ڪيس ۾ نيشنل بينڪ جي اڳوڻن صدرن سميت مختلف گواهه پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں