ٽوڪيو اولمپڪس: پاڪستان جي ماحور شهزاد کي پهرين ئي ميچ ۾ شڪست

لاهور: (ڇنڇر 26 جولاءِ 2021ع) ٽوڪيو اولمپڪس ۾ عورتن جي بيڊمنٽن سنگلز ايونٽ ۾ پاڪستان جي ٽاپ سيڊ رانديگرياڻي ماحور شهزاد کي شروعاتي ميچ ۾ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو.

عورتن جي بيڊمنٽن جي سنگلز ايونٽ ۾ پاڪستان جي ماحور شهزاد کي جاپان جي ايڪاني ياماگوچي 21-3 ۽ 21-8 کان آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ٽوڪيو اولمپڪس ۾ پاڪستاني شوٽر گلفام جوزف ميڊل رائونڊ جي لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهيو. مينز 1 ميٽرايئر پسٽل ۾ گلفام جوزف جي نائين پوزيشن رهي.

فائنل رائونڊ جي لاءِ اٺ شوٽرز کي ڪواليفاءِ ڪرڻو هو. ڪواليفڪيشن رائونڊ ۾ هڪ موقعي تي گلفام جوزف جي ستين پوزيشن ٿي وئي آهي. پر گلفام جوزف ستين پوزيشن برقرار نه رکي سگهيو.