16

ٽنڊومحمدخان: ڳوٺ گل سار جي رهواسڻ جو مائٽن سميت مڙس خلاف احتجاج، تحفظ جو مطالبو

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊومحمدخان جي ڳوٺ گل سار جي رهواسڻ  افروز سار پنهنجي ماءُ مسمات پٺاڻي پيءُ عبدالغفور سان گڏ ٽنڊومحمدخان ۾ احتجاجي ڪندي دانهيو آهي ته منھنجو مڙس جيڪو هر روز نشي جي حالت ۾ مون مٿان سخت تشدد ڪندو آھي ۽ ھاڻ منهنجي مڙس جا مائٽ به جان جا دشمن بڻجي ويا آھن.

 آئون پناھ وٺي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ رهان ٿي جنهن تي منهنجو مڙس پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏ اچي اسان جي گهر ۾ داخل ٿي مون سميت منهنجي مائٽن مٿان سخت تشدد ڪري اسان کي سخت زخمي  ڪري ويا آهن ۽ ھاڻ ڌمڪائين پيا  ته توکي تنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ڀائرن سميت قتل ڪري ڇڏينداسين منهنجو مڙس بااثر آهي اسان غريبن کي جان جو خطرو آهي.

هنن چيو ته اسان  وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس پاڪستان سميت اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪيان ٿي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں