17

ٽنڊومحمدخان:آبادگار شوگر مل انتظاميا طرفان جبري برطرفي خلاف ملازمن جو چوٿين ڏينهن به احتجاج

ٽنڊومحمدخان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) آبادگار شوگر ملز جي انتظاميا پاران ملازمن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف چوٿين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي ويئي.

 ان موقعي تي غلام قادر شورو، عبدالشڪور ڪنڀار، زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ آبادگار شگر مل انتظاميا مل مزدورن کي جبري برطرف ڪري زيادتي ڪئي آهي، لاڪ ڊائون سبب پورهيت طبقو اڳ ئي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي مٿان وري ملازمن کي بنا ڪنهن جواز جي نوڪرين مان برطرف ڪرڻ سان ملازمن جا ٻچا فاقا ڪشي ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

 هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ آبادگار شوگر ملز انتظاميه مزدور دشمن پاليسي تي عمل ڪري شوگر ملز جي مستقل ملازمن کي جبري طور برطرف ڪري رهي آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

 ھنن چيو ته برطرف ڪيل مزدور ملازم فوري طور بحال ڪيا وڃن، ان موقعي تي بک هڙتالي ڪئمپ تي ساڻن يڪجهتي طور مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ٻين اچي سندن حمايت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں