15

ٽنڊوالهيار (بيورو رپوٽ)

پتافي هائوس ٽنڊوالهيار تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊوالهيار جي صدر محترم ذوالفقار ستار بچاڻي جي صدارت ۾ 18 آڪٽوبر سانحه ڪار ساز جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پ پ چئيرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسي بابت پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊوالهيار جو اهم اجلاس محترم رئيس ظهير عباس خان پتافي انفارميشن سيڪريٽري پ پ ضلع ٽنڊوالهيار جي ميزباني ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ مخدوم ميون علي محمد ولهاري, ضلع جرنل سيڪريٽري محترم مولا بخش ٿيٻو, تعلقه چمبڙ جو صدر سائين محمد رمضان مري, تعلقه ٽنڊوالهيار جو صدر محترم غلام قادر دل, سٽي صدر محترم آفتاب احمد جوڻيجو, جرنل سيڪريٽري تعلقه چمبڙ رئيس جعفر خان جلباڻي, جنرل سيڪريٽري سٽي عبداللطيف بلوچ, انفارميشن سيڪريٽري رئيس محبوب علي پتافي, انفارميشن سيڪريٽري تعلقه ٽنڊوالهيار وڏيرو شوڪت علي خاصخيلي, يوٿ جو ضلع صدر وسيم لطيف منڱريو, انفارميشن سيڪريٽري ذوالفقار علي ڪاتيار, هاري ڪميٽي جو جرنل سيڪريٽري مير نجيب احمد ٽالپر, هاري ڪميٽي جو انفارميشن سيڪريٽري غلام مصطفي ساند, هاري ڪميٽي جو ڊپٽي جرنل سيڪريٽري مقبول احمد ڪاتيار, باغي غلام محمد ڪنڀار, مير شاهد ٽالپر, چاچا رحيم بلوچ, جهانگير تاج, حاجي فرحان پتافي, حاجي شمش پتافي, وليد ابراهيم ڪيريو, جبران امين حيدري, منظرحسين دائوداڻي, من حُبدار علي لُنڊ, محمد اسحاق ڪنڀار,راجو ٺاڪر, ڪاشف ميمڻ, شاجهان سهتو, جنيد ميرجت, حسين اوٺو, سليم ڏٻو, جاويد عمراڻي, وهاب ڪيريو منير ايس جان لغاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي

اپنا تبصرہ بھیجیں