18

ٽرمپ جي ڀائٽي جي ڪتاب جون پهرئين ڏينهن ئي ڏهه لک ڪاپيون وڪرو

واشنگٽن:آمريڪي صدر جي ڀائٽي ميري ٽرمپ جي يادن تي مشتمل ڪتاب جون پهرين ئي ڏينهن 10 لک ڪاپيون وڪرو ٿيون.

غيرملڪي خابرو اداري موجب ڪتاب جي پبليشر جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڪاپيون ڇاپڻ جو آرڊر به ڏئي ڇڏيو آهي.

ميري ٽرمپ جوڪتاب ڪينيڊا ۽ آسٽريليا ۾ به ايمازون جي سيل چارٽ ۾ اڳيان آهي.

ٻئي طرف وائٽ هائوس ۾ ميري ٽرمپ جي يادن تي مشتمل ڪتاب ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ خودپسند انسان آهي جنهن مان هر آمريڪي شهري کي خطرو آهي.

ڪتاب ۾ ٽرمپ جي والد جي خراب رويي ۽ ٻارن کي خوفزده ڪرڻ جي واقعن جو به ذڪر ٿيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں