17

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت سان ٽي ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز سرچ آپريشن جي آڙ ۾ وڌيڪ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس  موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪلگام ۾ ڀارتي فورسز هڪ دفعو ٻيهر بربريت جو مظاهرو ڪندي سرچ آپريشن جي آڙ ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.

وادي جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي فورسز گهيرو ڪيو جڏهن ته آخري اطلاعن موجب گهيري جون ڪارروايون جاري هيون.

گذريل ڏينهن به ضلعي ڪپواڙه ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ ڪشميري نوجوانن جو گهيرو ڪرڻ کانپوءِ انهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں