12

هن سال حج فقط سعودي شهري ۽ اتي رهندڙ پرڏيهي ڪري سگهندا:سعودي

رياض: سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت موجب هن سال حج صرف سعودي شهري ۽ اتي رهندڙ پرڏيهي ڪري سگهندا.

عرب نيوز موجب وزارت اهو اعلان ڪيو آهي ته هن سال فقط 60 هزار حج پانڌيئڙن کي حج ادائگي جي اجازت ڏني ويندي.

جنهن ۾ سعودي جا شهري ۽ اتي ئي رهندڙ پرڏيهي شامل آهن.

وزارت موجب اهڙو فيصلو پوري دنيا ۾ ڪورونا جي وبا واري صورتحال ۽ وائرس جي نئين شڪلن جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري ڪيو ويو آهي.

حج ڪرڻ جي لاءِ عمر جي حد 18 کان 65 سال رکي وئي آهي، جڏهن ته حج ڪندڙ خواهشمند لاءِ ڪرونا ويڪيسينيشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں