12

هنڱورجا رپورٽ اسدسولنگي

هنڱورجا ڀرسان قومي شاهراھ تي ملهيراڻي سولنگي اسٽاپ سامهون تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر،موٽر سائيڪل سوار ٿڏي تي فوت، ٽرالر ڊرائيور فرار، ڪيس داخل نه ٿيو. تفصيل موجب هنڱورجا لڳ قومي شاهراھ تي ملهيراڻي سولنگي اسٽاپ جي سامهون تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل جي وچم ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار راڻيپور جي ڳوٺ موسيٰ راڄپر جو رهواسي مير هزار خان راڄپر ٿڏي تي فوت ٿي ويو حادثي واري اطلاع تي هنڱورجا پوليس پهچي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي فوتي جو لاش هنڱورجا اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو .جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آخري اطلاع تائين روڊ حادثي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آهي.

هنڱورجا رپورٽ اسدسولنگي
هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي راڻو خان اسٽاپ سامهون نامعلوم هٿياربند گيھ سان ڀريل مزده جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي يرغمال بڻائي رسن سان ٻڌي ڦٽو ڪري مزده گاڏي ڪاهي فرار ٿي ويا، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. تفصيل موجب هنڱورجا ٿاڻي جي حد قومي شاهراھ تي راڻو خان اسٽاپ سامهون نامعلوم ڪار ۾ سوار هٿيار بند ڪراچي کان چونڊڪو ويندڙ گيھ سان ڀريل مزده گاڏي کي روڪي ڊرائيور صاحب لاشاري ۽ ڪلينر امداد ڪٽوهر کي يرغمال بڻائي سندن کي رسين سان ٻڌي ڀر واري وونڻن ۾ ڦٽو ڪري گيھ سان ڀريل مزده گاڏي ڦُر ڪري فرار ٿي ويا هن ڏس ۾ مزده جي ڊررائيور صاحب لاشاري ٻڌايو ته ڪار ۾ سوار هٿياربندن اسان جي گاڏي کي روڪي ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جي بهاني لاهي يرغمال بڻايو بعد ۾ رسين سان ٻڌي گاڏي ڪاهي ويا آهن هن ٻڌايو ته ڦورو هڪ ڪار ۾ سوار هئا جن کي پوليس جي وردي پڻ پاتل هئي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او هنڱورجا اقبال رڏ ٻڌايو ته ڦر واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ڏوهارين جي ڳولها پڻ ڪئي پئي وڃي ٻي پاسي ڦر واقعي جو آخري اطلاع تائين ڪو به ڪيس داخل نه سگھيو هو.

هنڱورجا رپورٽ اسد سولنگي
پي پي ايم پي اي ميڊيم غزالا سيال چيو آهي ته سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن وفاق هڪ آرڊيننس جي ذريعي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پر سنڌ اسيمبلي ٻيٽن واري آرڊيننس کي رد ڪري چڪي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهون ڌرتي جي خلاف ٿيندڙ سڀني سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد ۽ منظم ٿي چڪا آهن ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ مخالفن کي اميدوار به نه ملندا . پي پي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ هنڱورجا ٽائون جو چيئرمين به جيالو ٿيندو. هنڱورجا ميمڻ هائوس ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ ڪوٺايل رسول آباد ۽ هنڱورجا جي پارٽي ڪارڪنن جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ميڊيم غزالا سيال وڌيڪ چيو ته وفاق سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين سبب مهانگائي جو طوفان کڙو ٿي ويو آهي جنهن ڪري عوام تبديلي سرڪار بيزار ٿي چڪو آهي هن چيو ته ڪارڪنن کي گھرجي ته عوام سان ويجھو رابطو قائم ڪن ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا وڃن.ڪارڪنن جي گڏجاڻي کي پي پي جي مقامي اڳواڻن عبدالمومن ميمڻ، حاجي حسن منڱڻيجو، ڪامريڊ خدا بخش سهتو، غلام عباس راڄپر، عزيز ميمڻ،باغ علي دايو، ڪانڊيرو خان سهتو،گلزار سهتو ، وحيد جانوري، پرويز ڀٽو، حاجي خان چانگ، ممتاز سهتو ۽ ٻين خطاب ڪيو .

اپنا تبصرہ بھیجیں