8

هراري:زمبابوي پاران ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

هراري ٽيست ۾ زمبابوي ٽاس کٽي پاڪستان خلاف پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

ٽاس کٽي زمبابوي جي ڪپتان برينڊن جو چوڻ هو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي جڏهن ته قومي ڪپتان بابراعظم چيو ته ٽاس کٽي اسان به بيٽنگ ڪيون ها ڇو ته وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي آهي.

بابراعظم ٻڌايو ته قومي ٽيم ۾ ساجد خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي.

ان کان علاوه ٽيم ۾ عابد علي، عمران بٽ،اظهر علي، بابراعظم، فواد عالم، محمد رضوان، فهيم اشرف، حسن علي، شاهين،آفريدي ۽ نعمان علي شاهه شامل آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں