6

(ن) ليگ ۽ پ پ سان رابطو ناهي ٿيو، وزيراعظم يقين ڏياريو آهي ته معاملن کي پاڻ ڏسندو: جهانگير ترين

لاهور: (سومر 03 مئي 2021ع) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو  آهي ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي سان ڪوبه رابطو ناهي ٿيو. وزيراعظم منهنجي دوستن کي يقين ڏياريو آهي ته هو پاڻ معاملن کي ڏسندو.

لاهور  جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي جهانگير ترين چيو ته جاچ کان نٿا ڊڄون. انصاف چاهيون ٿا. مان ڪيسن کان نٿو ڀڄان پر عدالتن کي منهن ڏئي رهيو آهيان. هڪ سال کان جاچ ٿي رهي آهي.

اسان هزارين نه لکين دستاويز ڏٺا آهن اسان ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. اسان چاهيون ٿا ته سٺي طريقي سان جاچ ٿئي ته عوام به ڏسي هن چيو ته منهنجو ڪيس ڪرمنل نه آهي ۽ ايف آءِ اي جو ڪوبه ڪردار نه آهي هي ڪاروباري معاملو آهي ۽ ايس اي سي پي سي بابت آهي.

جهانگير ترين چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو. جڏهن ته مون کي پنهنجي پارٽي  جي ڪيترن ئي ماڻهن جي حمايت حاصل آهي. اسان جاچ کان نٿا ڊڄون پر انصاف چاهيون ٿا ۽ سڀني کي خبر آهي ته جيڪي ڪيس ٿي رهيا آهن ان جي بنياد ڪجهه ٻئي آهي.

جهانگير ترين چيو ته شاهه محمود قريشي جي بيان تي ڪجهه نٿو چوڻ چاهيان.  مون کي دوستن جي حمايت حاصل آهي ۽ وزيراعظم سان منهنجي دوستن جي ملاقات ٿي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں