نيويارڪ: (سومر 14 ڊسمبر 2020ع) نيويارڪ سٽي ۾ گرجا گهر جي ٻاهران فائرنگ ڪندڙ شخص پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو.
نيويارڪ پوليس طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته گذريل ڏينهن منهٽن گرجا گهر جي ٻاهران فائرنگ ڪندڙ جوابدار پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويو آهي.
پوليس موجب هٿياربند شخص نيويارڪ جي تاريخي گرجا گهر جي ٻاهر ڪرسمس ڪنسرٽ پروگرام جي شروعات تي فائرنگ ڪئي ۽ واقعو 3 لڳي 45 منٽن تي پيش آيو.
پوليس واقعي واري هنڌان 2 پسٽل، چاقو، رسي، گيس ڪين ۽ ٻين شين سان ڀريل بيگ هٿ ڪري ورتو آهي. نيويارڪ ڪائونسل ميمبر مارڪ ليون تصديق ڪئي آهي ته هٿياربند شخص هوائي فائرنگ ڪئي جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو.