31

نيوسعيدآباد رپورٽ جبار عمراڻي

نيوسعيدآباد لڳ ڳوٺ جان محمد جمالي بنيادي سھولتن کان محروم کارو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين جنم ورتو ـ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار! ڳوٺ کي سم جو پاڻي گھيري ورتو ـ نور مسجد پاڻي جي ليپٽ ۾ اچي وئي ! ڊي سي مٽياري نوٽيس تي ڪو به عمل نه ٿيو
تفصيل موجب: ڳوٺ جان محمد جمالي جي رھواسين حاجي شاھنواز جمالي جي اڳواڻي ۾ دانھيندي چيو ته اسانجي ڳوٺ کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو آھي ـ ھنن چيو ته اسانجي ڳوٺ ۾ بنيادي سھولتن نالي ڪا شيء موجود ڪونھي ـ اسين ڳوٺاڻا کارو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين کي منھن ڏيئي رھيا آھيون ـ ھيپاٽائيس بي ۽ سي جھڙن موذي مرضن جنم ورتو آھي .
مير محمد جمالي چيو تـ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت پڻ زبون حالي جو شڪار آھي ـ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري رھيا آھن . جيڪڏھن ڪو بـ جاني نقصان ٿيو تـ انجا ذميوار تعليم کاتي جا عملدار ھوندا ـ ٻئي طرف شاھنواز جمالي دانھيندي چيو تـ علائقي جا چڱا مڙس پڻ زيادتي ڪري رھيا آھن ھو پنھنجي ٻنين کي پاڻي ڏياري واٽرڪورسن جا منھن اسانجي ڳوٺ طرف موڙي ڇڏيندا آھن جنھن جي ڪري اسان جي ڳوٺ جو تمام گھڻو نقصان ٿي رھيو آھي ـ اولھندي پاسي واقع مسجد نور شريف پڻ سم جي پاڻي جي ليپٽ ۾ اچي وئي ـ سم جي پاڻي سبب سڄي ڳوٺ جو پاڻ کارو ٿي ويو جيڪا انتھائي حيرت جي ڳالھ آھي ـ
ڳوٺ جان محمد جمالي جي رھواسي سماجي اڳواڻ حاجي شاھنواز جمالي ميڊيا سان ڳالھيندي وڌيڪ چيو تـ ھڪڙو مسئلو ھجي ته دانھون نه ڪيون اسانجو ڳوٺ بنيادي مسئلن جو ڳڙھ بڻجي چڪو آھي ـ مسئلن جا انبار بڻجي ويا آھن ـ ڳوٺ جي آمدرفت جو واحد ذريعو روڊ آھي اھو روڊ پڻ ھنڌان ھنڌان ٽٽي ويو آھي۔ ـ برساتن سبب روڊ پاڻي ھيٺ اچي ويندو آھي ۽ ڳوٺاڻن جي آمدرفت بلڪل بند ٿي ويندي آھي ـ ڊي سي مٽياري پڻ اسانجي ڳوٺ جو دورو ڪيو ۽ نوٽيس ورتو پر ڪافي وقت گذرڻ باوجود ڪو به عمل نه ٿي سگھيو آھي . ڳوٺ جان محمد جمالي جي رھواسين چونڊيل نمائيندن ۽ ڊي سي مٽياري کي ھڪ ڀيرو ٻيھر پر روز اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي مذڪورا متاثر ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندوـ

اپنا تبصرہ بھیجیں