25

نيوسعيدآباد رپورٽ جبار عمراڻي

نيوسعيدآباد ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي نيو سعيدآباد زاھد حسين جوڻيجو  پاران اڄ نيو سعيدآباد شھر ۾ سنڌ حڪومت جي حڪمن کي  نظر هيٺ رکندي نيو سعيدآباد جي شھرين لاء سستو اٽو مھيا ڪرڻ لاء سنڌ حڪومت جي ريٽ 41:83رپيا في ڪلوجي حساب سان ٽائون ڪاميٽي نيو سعيدآباد جي مين گيٽ تي سستو اٽو مھيا ڪرڻ لاء اسٽال لڳايو ويو ته جيئن غريب شھري سستو اٽو وٺي سگھن ۽ ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاء پريشان نه ٿين ان موقعي اي سي زاهد جوڻيجو سان ڳالهائيندي چيو ته روزاني جي بنياد تي شھر ۾ ۽  نيو سعيدآباد تعلقي جي ڳوٺن ۾ سستي اٽي جا  موبائل اسٽال پڻ لڳايا ويندا  ته جيئن اتي جي عوام کي سنڌ حڪومت جي طرفان لڳايل اٽي جي اسٽالن مان  رليف ملي سگھي

اپنا تبصرہ بھیجیں