19

نيوزيلينڊ جي ٽيم کي وڏو جهٽڪو: ٽي اهم رانديگر سيريز کان ٻاهر ٿي ويا

ويلنگٽن: (سومر 14 ڊسمبر 2020ع)  نيوزيلينڊ جي ٽيم جا اهم رانديگر راس ٽيلر ۽ بالر هامس بينيٽ پاڪستان جي خلاف ٿيندڙ ٽي 20 سيريز کان ٻاهر ٿي ويا آهن جڏهن ته فاسٽ بالر بازلاڪي فرگيوسن چيلهه ۾ فريڪچر سبب سيريز مان پنهنجو نالو واپس وٺي ڇڏيو آهي.

نيوزيلينڊ هن وقت ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏي رهي آهي جنهن کان پوءِ کيس پاڪستان جي خلاف ٽي 20 سيريز کيڏڻي آهي. ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ٽم سائودي، ڪائل جيمسن ۽ ڊيرل مشيل ۽ مستقل ڪپتان ڪين ويليمسن ۽ ٽرينٽ بولٽ 20 ڊسمبر تي هيملٽن۽ 22 ڊسمبر تي نيپئر ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي جي لاءِ ٽيم کي جوائن ڪندو.

نيوزيلينڊ پاڪستان سان 3 ٽي ٽوئنٽي مقابلن کان علاوه ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز به کيڏندو جنهن جي شروعات 26 ڊسمبر کان ٿيندي.  پر اهو واضح ناهي ٿيو ته ڪين وليمسن پاڪستان جي خلاف سليڪشن جي لاءِ دستياب هوندو يا نه ڇو ته هو پنهنجي پهرين ٻار جي پيدائش سبب موڪلن تي آهي.

ياد رهي ته پاڪستان جو ڪپٽان بابر اعظم به هٿ ۾ فريڪچر سبب ٽي 20 سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي. اميد ڪئي پئي وڃي ته بابر ٽيسٽ سيريز ۾ ٽيم لاءِ دستياب هوندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں