13

نيب شهباز شريف خلاف هڪ ٻئي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

لاهور: (سومر 12 اپريل 2021ع) قومي احتساب بيورو(نيب) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي خلاف هڪ ٻئي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

رپورٽ موجب نيب لاهور مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي خلاف هڪ ٻئي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. نيب راولپنڊي جي ٽيم شهباز شريف سان جيل ۾ جاچ جي لاءِ اجازت گهري ورتي. احتساب عدالت جي جج شيخ سجاد احمد نيب جي ٽيم کي جيل ۾ جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پنجاب بينڪ جي سي اي او سيد طلعت جي مقرري جي غيرقانوني طور تي منظوري جي جاچ شروع ڪئي ويندي. نيب موقف اختيار ڪيو آهي ته سيد طلعت محمود جي مقرري ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن. عدالت سپرنٽينڊنٽ جيل ڪوٽ لکهپت کي حڪمنامو اماڻي ڇڏيو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں