3

نيب جا ڪيس ۽ گرفتاريون آواز دٻائڻ جي ڪوشش آهي: مريم نواز

لاهور: (اڱارو 06 اپريل 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ نيب جي درخواست تي پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته نيب جا ڪيس ۽ گرفتاريون  آواز دٻائڻ جي ڪوشش آهي.

رپورٽ موجب مريم نواز چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ نيب جي درخواست تي پنهنجو لکت ۾ جواب جمع  ڪرائي ڇڏيو آهي. جنهن ۾ هن نيب جي ضمانت ملتوي جي درخواست جي مخالفت ڪئي آهي.

مريم نواز طرفان چيو ويو آهي ته نيب ۾ چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ 14 مهينن کان خاموشي اختيار ڪئي  پوءِ طلب ڪيو، نيب جا ڪيس ۽ گرفتاريون آواز دٻائڻ جي ڪوشش آهي. عدالت سڳوري نيب جي درخواست  ڏنڊ سان گڏ خارج ڪري.

واضح رهي ته نيب چوڌري شوگرملز ڪيس ۾ مريم نواز  مٿان 2 ارب روپين جي مني لانڊرنگ جو الزام لڳايو آهي. لاهور ها3 ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ 4 نومبر 2019 تي ان جي ضمانت منظور ڪئي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں