8

نواب شاھه (رپورٽ: اي ڪي ڏاھري)

ڊپٽي ڪمشنرشهيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ ٻيهر روڊن جي تعمير، مرمت ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جي سلسلي ۾ اڄ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪاميٽي جنيد حميد سمون،ايڪسين پبلڪ هيلٿ انجنئيرنگ عنايت الله جمالي،ايس اي پبلڪ هيلٿ برڪت علي خواجه،ايڪسين پراونشل روڊس عبدالمجيد پنهيار،سي ايم او عبدالرزاق شيخ، اڳوڻو چئيرمين ميونسپل ڪميٽي نواب شاھه محمد عظيم مغل ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر چيو ته ضلعي ۾ روڊن جي مرمت ۽ ٻين ترقياتي اسڪيمن جو ڪم شروع ڪيو پيو وڃي انهي لاءِ سئي گئيس،پي ٽي سي ايل،بلديات، پبلڪ هيلٿ سميت ٻيا لاڳاپيل کاتا پنهنجي جاري اسڪيمن کي فوري مڪمل ڪن ته جئين روڊن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪري سگهجي هن وڌيڪ چيو ته نئين تعمير ٿيندڙ روڊن ۾ کوٽائي ڪري لائينون وڇائڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ لائينون ٺاهڻ جي ڪنهن کي به هرگز اجازت نه ڏني ويندي انهي لاءِ سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجو رهيل ڪم جلد مڪمل ڪن ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته پئيڻ جي پاڻي جي فراهمي ۽ ڊرينيج جي نالين جو جاري ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي ته جئين روڊن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت جو ڪم شروع ٿي سگهي ۽ عوام کي ٽٽل روڊن جي ڪري پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪري ٽريفڪ جي روانگي کي بحال ڪري سگهجي.

اپنا تبصرہ بھیجیں