45

نوابشاهه:پ پ (شهيد ڀٽو) طرفان لب گجر واهه تي قبضي خلاف احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ:فداچانڊيو) پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو تعلقي نوابشاهه پاران لب گجر واھه تي  قبضي خلاف غازي نجيب چانڊيو، اعجاز ميراڻي، مختيار سنڌي، ارشاد خاصخيلي، بابر مغيري، يار محمد ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ڪندي چيو ته اسان گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان وٺي سراپا احتجاج آھيون ليڪن نوابشاهه جي انتظاميه  ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي.

 ھنن چيو ته لب گجرا واهه پارڪ جيڪو عوام جي لاءِ تفريحي پارڪ آهي جنھن تي فيروز لغاري قبضو ڪري ھوٽل ٺاھڻ چاھي ٿو.

 ھنن چيو ته نوابشاهه جي انتظاميه ان خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته لب گجر واھه پارڪ تان قبضو ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو پاران سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں