5

نئين مالي سال ٻه هزار ايڪيهه ۽ ٻاويهه جو بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو

اسلام آباد: (جمعو 11  جون 2021ع) نئين مالي سال 21-2022 جي لاءِ وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪيو ويندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب مالي سال 22-2021 جو بجيٽ تقريبن 8 هزار ارب روپين جو آهي جنهن ۾ ترقياتي بجيٽ 900 ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي جيڪو هلندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ جي مقابلي ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

ذريعن موجب گڏيل ملڪي ترقياتي بجيٽ جو حجم 2 هزار 105 ارب روپيه رکڻ جي تجويز آهي. سول گورنمنٽ جي لاءِ 510 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي جيڪو هلندڙ مالي سال 488 ارب روپيه هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر جي لاءِ ٽيڪس وصولين جو حدف 5 هزار 705 ارب روپيه رکيو پيو وڃي. دفاع جي لاءِ 35 ارب روپيه اضافي سان گڏ هڪ هزار 330 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي.

هلندڙ سال دفاعي بجيٽ جو حجم هڪ هزار 295 ارب روپيه هو. قرض ۽ ان وياج جي مد ۾ ادائيگين جي لاءِ 3 هزار 105 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي. هلندڙ سال هن مد ۾ 2 هزار 920 ارب روپيه رکيا ويا هئا. رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پينشن جي لاءِ 10 ارب روپيه اضافي سان گڏ 480 ارب روپيه مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. مختلف شعبن جي لاءِ سبسڊي جي مد ۾ 501 ارب روپيه رکڻ جو امڪان آهي. هلندڙ سال ان مد ۾ 400 ارب روپيه رکيا ويا هئا.

سبسڊي جو 30 سيڪڙو پاور سيڪٽر جي لاءِ آهي ذريعن موجب وفاقي بجيٽ ۾ چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ مختلف وفاقي ادارن جي لاءِ 994 ارب روپين جي گرانٽس جاري ڪرڻ جي تجويز آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ بابت فيصلو بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ ڪابينه اجلاس ۾ ٿيندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں