24

مٽياري . رپورٽ . رياض چانڊيو

مٽياري جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي پريس ترجمان ۽ سينٽرل ڪميٽي ميمبر سميت 17 ڄڻن کي بري ڇڏيو .

تفصيل موجب مٽياري جي عدالت جهيڙي ڪيس ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي پريس ترجمان محمد علي ابڙو سينٽرل ڪميٽي ميمبر ڄام شوڪت ابڙو ، سندن ڀائٽيي جنيد ابڙو ، صدام ابڙو ، صوف سميت 17 ڄڻن کي جرم ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو واضح رهي ته ڪجھ وقت پهرين سيکاٽ ٿاڻي تي زميني تڪرار تان ايس ٽي پي اڳواڻن جي ڌر مٿان مخالف ڌر 17 ڄڻن تي جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو هو انهي ڪيس جي سلسلي ۾ مٿي ڄاڻل 17 ئي ڄڻا سول ڪورٽ مٽياري ۾ پيش ٿيا جتي ڪورٽ سڳوري جوابدار ڄاڻايل ڌر جي وڪيلن ايڊووڪيٽ اسلم ميمڻ ۽ ايڊوڪيٽ عاقل ميمڻ جي دليلن بعد جوابدار ڄاڻايل سڀني ماڻهن کي جرم ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو

اپنا تبصرہ بھیجیں