7

ميلانيا ڊونلڊ ٽرمپ کان طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي: برطانوي اخبار جي دعويٰ

واشنگٽن: (سومر 09 نومبر 2020ع) آمريڪي صدر  ڊونلڊ ٽرمپ جي اليڪشن ۾ شڪست کان پوءِ ميلانيا ٽرمپ طلاق جي  لاءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ  جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

برطانيه جي مشهور اخبار دي انڊيپينڊنٽ ۾ شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪا جي خاتون اول 50 ساله ميلانيا ٽرمپ پنهنجي 47 ساله مڙس ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ 15 سالن جي شادي تي ٻڌل سفر ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ميلانيا صدر ٽرمپ جي عهدي تان هٽڻ جو انتظار ڪري رهي هئي جنهن کان پوءِ هو طلاق جي لاءِ عدالت سان رابطو ڪندي. ميلانيا اهو فيصلو 4 سالن کان هلندڙ ڇڪتاڻ کان پوءِ ڪيو آهي جنهن دوران جوڙي پنهنجا ڪمرا به ڌار ڪري ڇڏيا هئا. رپورٽ ۾ وائٽ هائوس جي اڳوڻي ملازمه ۽ ميلانيا ٽرمپ جي ويجهو رهندڙ عورت اوما روسا جي تازي بيان جو به حوالو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته ميلانيا  ٽرمپ کان طلاق وٺڻ تي غور ڪري رهي آهي. ان کان اڳ ميلانيا ٽرمپ جي پهرين سيڪريٽري، صحافي ۽ ليکڪه اسٽيفي ونسن ووڪوف پنهنجي ڪتاب(دي رائز اينڊ فال آف مائي فرينڊشپ ود فرسٽ ليڊي) ۾ به انڪشاف ڪيو هو ته صدر ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ ٻن گهر وارين ميلانيا ۽ ايوانڪا جي وچ ۾ ڦاسي ويو آهي.

خاص طور تي اها ڳالهه به محسوس ڪئي وئي ته صدر ٽرمپ جو گهڻو ڌيان پهرين زال ماڊل ايوانا ٽرمپ  مان ٿيندڙ ڌيءَ ايوانڪا طرف آهي ۽ هو صدارتي ڪمن ۾ به پنهنجي ڌيءَ ۽ ناٺي کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي ۽ ٽرمپ ٻنهي کي سرڪاري عهدا به ڏئي ڇڏيا آهن جنهن تي ميلانيا ڪاوڙيل رهندي هئي. ميلانيا ۽ ٽرمپ جي شادي 2005 ۾ ٿي هئي. ٻنهي وچ ۾ ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا پهريون ڀيرو گذريل صدارتي مهم جي دوران محسوس ڪيا ويا هئا جڏهن ميلانيا پنهنجي مڙس جي چونڊ مهم جي لاءِ تمام گهڻو پرجوش ۽ سرگرم نه هئي.

آمريڪي  ميڊيا ۾ ان حوالي سان  ڪيتريون ئي رپورٽون به شايع ٿي چڪيون آهن جنهن ۾ صدر ٽرمپ ۽ ان جي گهر واري ميلانيا ٽرمپ وچ ۾ ڇڪتاڻ واري دعويٰ ڪئي پئي وئي ۽ ان جو سبب ٽرمپ جي پهرين زال مان ڌيءَ ايوانڪا کي سمجهيو ويندو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں